زراعت کاتو سنڌ

زراعت کاتو سنڌ

زراعت کاتو سنڌ

زراعت کاتو سنڌ

زراعت کاتو سنڌ

زراعت کاتو سنڌ

زراعت کاتو سنڌ

زراعت کاتو سنڌ: سنڌ حڪومت جو زراعت کاتو، صوبي ۾ زرعي پيداوار جي واڌاري، آبادگارن جي رهنمائيءَ، تحقيق ۽ جديد طريقن سان زراعت جي ترقيءَ لاءِ سرگرم عمل آهي. هن کاتي ڪيتريون نيون اسڪيمون متعارف ڪرائي، مختلف شعبا ۽ ذيلي ادارا قائم ڪيا آهن، جن ۾ مکيه هي آهن:
(1) ايگريڪلچر ايڪسٽنشن ونگ،
(2) ايگريڪلچر انجنيئرنگ ۽ واٽر مينيجمينٽ ونگ، (3)ايگريڪلچر ريسرچ،
(4) سنڌ سيڊ ڪارپوريشن، (5) پلاننگ ۽ مانيٽرنگ سيل، (6) سنڌ ايگريڪلچر مارڪيٽنگ سسٽم وغيره.
سنڌ جي اقتصادي ترقيءَ جو گهڻو مدار جيئن ته زراعت تي رهيو آهي، اُن ڪري سنڌ صوبي ملڪ جي زرعي پيداوار ۾ سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي. قومي سطح تي چانورن جي پيداوار جو 36 سيڪڙو؛ ڪپهه 34 سيڪڙو؛ ڪمند 29 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جي 15 سيڪڙو پيداوار سنڌ مان ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح سنڌ جو بصر، ڪيلو، انب، ٽماٽو وغيره به پنهنجي انفراديت رکي ٿو.
زراعت کاتي سنڌ جي مکيه مقصدن ۾ جديد زرعي تحقيق کي هٿي وٺرائڻ، فصلن جي پيداوار ۽ تحفظ بابت آبادگارن جي رهنمائي ڪرڻ، تحقيق بعد نيون جنسون ۽ ٻج متعارف ڪرائڻ، زمينن تي پاڻيءَ جي محفوظ ۽ مناسب پهچ لاءِ واٽر ونگ جي معرفت اپاءَ وٺڻ اچي وڃن ٿا. زراعت کاتي جي انتظام هيٺ زرعي فارم ۽ تحقيقي ۽ تربيتي ادارا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قائم آهن، جن ۾ (1) زرعي تربيتي ادارو سڪرنڊ،
(2) ڊائريڪٽوريٽ آف وِيٽ سڪرنڊ، (3) ميرپورخاص فروٽ فارم،
(4) سيڊ پروسيسنگ پلانٽ سڪرنڊ، (5) ڏوڪريءَ ۾ چانورن ۽ دالين بابت ڊائريڪٽوريٽ ۽ ٻيا فارم وغيره اچي وڃن ٿا.
سنڌ زراعت کاتي جي انجنيئرنگ ونگ جي مقصدن ۾ جديد زرعي مشينريءَ جي پيداوار ۽ آبادگارن لاءِ جديد طريقا متعارف ڪرائڻ به شامل آهن. آن فارم واٽر مينيجمينٽ به ان جو حصو آهي، جنهن هيٺ مٺي پاڻيءَ کي زمينن تائين بنا زيان جي پهچائڻ لاءِ پڪا واٽر ڪورس تعمير ڪرايا وڃن ٿا. ماضيءَ ۾ اينيمل هسبنڊري شعبو پڻ ايگريڪلچر انجنيئرنگ ونگ ۾ شامل هو. ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ونگ، ايگريڪلچر انجنيئرنگ ونگ جي ڊائريڪٽوريٽ ۽ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ قائم آهن.
زراعت کاتي سنڌ جو صوبائي وزير هن وقت سيد علي نواز شاهه آهي. جڏهن ته انتظامي ڪاروهنوار سيڪريٽري زراعت سنڀالي ٿو. هن عهدي تي هن وقت آغا جان اختر، مارچ 2012ع کان مقرر آهي. جڏهن ته هن کان اڳ سهيل اڪبر شاهه، سڀاڳو خان جتوئي، محڪم دين قادري، نذر حسين مهر، آفتاب ميمڻ، عبدالرشيد ميمڻ، محمد هاشم لغاري، عبدالغفور سومرو، بدر الدين سومرو، امتياز احمد شيخ، شهزادو شيخ، ڪمال الدين قريشي، اي. جي. اين عباسي، اي. ڪي لوڌي ۽ اي. بي سومرو وغيره سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن.
سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو انتظامي سربراهه مينيجنگ ڊائريڪٽر آهي. انهيءَ عهدي تي هن وقت انجنيئر شفيق احمد مهيسر آهي. جنهن جي ماتحت ڊائريڪٽر فنانس ۽ ايڊمنسٽريشن، ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ ۽ پراڊڪشن سميت مختلف آفيسر، فارم مينيجر پلانٽ مينيجر، اڪائونٽس عملي، فيلڊ آفيسرن ۽ ٽيڪنيڪي عملي جا هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ملازم مصروف عمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو